فقير قربان علي آزاد لنجواڻي

فقير قربان علي آزاد لنجواڻي

کٻڙ فقير سومرو

کٻڙ فقير سومرو

سيد جمن شاهه

سيد جمن شاهه

فقير امداد علي لغاري

فقير امداد علي لغاري

سيد حاڪم علي شاهه

سيد حاڪم علي شاهه

قمبر علي لنجواڻي

قمبر علي لنجواڻي

گل محمد خاصخيلي

گل محمد خاصخيلي

فقير منٺار جوڻيجو

فقير منٺار جوڻيجو

دائم فقير نظاماڻي

دائم فقير نظاماڻي

محمد رحيم شاهاڻي

محمد رحيم شاهاڻي

راڻو فقير جوڻيجو

راڻو فقير جوڻيجو

قربان علي کوسو

قربان علي کوسو

انور علي خاصخيلي

انور علي خاصخيلي

فقير شاهنواز بڙدي

فقير شاهنواز بڙدي

فقير محمد اسماعيل ميرجت

فقير محمد اسماعيل ميرجت

فقير خان محمد چانڊيو

فقير خان محمد چانڊيو

غلام اڪبر ملاح

غلام اڪبر ملاح

فقير محمد حسن تمراڻي

فقير محمد حسن تمراڻي

لياقت علي لنجواڻي

لياقت علي لنجواڻي

رحيم ڏنو فقير

رحيم ڏنو فقير

فقير خير محمد ملاح

فقير خير محمد ملاح

فقير ڏنو ٿهيم

فقير ڏنو ٿهيم

فقير الهڏنو نظاماڻي

فقير الهڏنو نظاماڻي

فقير غلام محمد نظاماڻي

فقير غلام محمد نظاماڻي

فقير ناظم علي لنجواڻي

فقير ناظم علي لنجواڻي

فقير معشوق علي ملوکاڻي

فقير معشوق علي ملوکاڻي

فقير محمد اسلم شيخ

فقير محمد اسلم شيخ

سيد ممتاز علي شاهه

سيد ممتاز علي شاهه

پير بخش ٿهيم

پير بخش ٿهيم

سيد ماجد علي شاهه

سيد ماجد علي شاهه

منور علي لنجواڻي

منور علي لنجواڻي

فقير امام بخش ڀنگوار

فقير امام بخش ڀنگوار

فقير گل محمد پهوڙ

فقير گل محمد پهوڙ

مرحوم فقير برڪت علي

مرحوم فقير برڪت علي

سيد مير محمد شاهه

سيد مير محمد شاهه

فقير سيد بهزاد شاهه

فقير سيد بهزاد شاهه

سيد ذوالفقار علي شاهه

سيد ذوالفقار علي شاهه

فقير سيد شفقت شاهه

فقير سيد شفقت شاهه

فقير عنايت علي

فقير عنايت علي

فقير سائين بخش نظاماڻي

فقير سائين بخش نظاماڻي

فقير غلام قادر نظاماڻي

فقير غلام قادر نظاماڻي

فقير شاهنواز نظاماڻي

فقير شاهنواز نظاماڻي

فقير وريام خاصخيلي

فقير وريام خاصخيلي

فقير مدد علي ميرجت

فقير مدد علي ميرجت

فقير قمبر جلالاڻي

فقير قمبر جلالاڻي

راڳي شاهه جي وائي پيش ڪندي

راڳي شاهه جي وائي پيش ڪندي

شاهه لطيف جا موجوده راڳي

شاهه لطيف جا موجوده راڳي:
فقير قربان علي آزاد لنجواڻي: شاهه جو هي استاد راڳي، 5 مارچ 1938ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير (ضلعي مٽياريءَ) ۾ فقير مير محمد لنجواڻي عرف ميري فقير جي گھر پيدا ٿيو. راڳ جي تربيت پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪيائين، جيڪو پڻ شاهه جو راڳي هو. سورهن سترهن سالن جي ڄمار کان درگاهه تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين. پاڪستان جي مختلف شهرن توڙي ملڪ کان ٻاهر فرانس، آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ شاهه جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. کيس شاهه جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران ٻه ڀيرا لطيف اوارڊ ۽ لائيف اچيومينٽ اوارڊ پڻ مليا آهن. سال 2003ع ۾ ڀٽائيءَ جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ سندس نالو سنڌ حڪومت پاران وفاق کي تمغه امتياز لاءِ موڪليو ويو، پر کيس حڪومت جو اهو اعليٰ اعزاز نه ڏنو ويو.
فقير قربان علي آزاد، شاهه جي سورٺ راڳ آلاپڻ تي وڏي دسترس رکندو هو. ڀٽائيءَ جي مشهور ڇيڙ جي وائي، جيڪا چانڊوڪي راتين ۾ ڳائي ويندي آهي، سا فقير آزاد، ڪمال جي پيش ڪندو هو، جنهن جا پڙاڏا اڄ به ڀٽ تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
فقير قربان سنڌي فائينل پاس ۽ بنيادي طور پرائمري استاد هو. سندس سوين درسي شاگرد ۽ ڪيترائي راڳ جا شاگرد اڄ به موجود آهن. سندس فرزند فقير اختر لنجواڻي، راڳ ۾ سندس ئي شاگرد آهي، جيڪو هن وقت درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. فقير قربان علي 24 فيبروري 2004ع تي وفات ڪئي. پاڻ بهترين شاعر به هو. سندس ڪيترو ئي ڪلام ڪتابي صورت ۾ ڇپيل به آهي ته اڻ ڇپيل به سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي.
سيد علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي: ڀٽائي سائينءَ جي گادي نشينن مان پير علي بخش شاهه عرف علڻ سائين ڀٽائيءَ جي راڳ جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. سندس جنم پير لطف علي شاهه جي گھر ڀٽ شاهه ۾ 1871ع ۾ ٿيو. پاڻ 1317 هجري/ 1899- 1900 ۾ درگاهه جي مسند تي ويٺو. فقيري طبيعت وارو لاڙو رکندڙ هو ۽ ڀٽائيءَ جي راڳ سان خاص انسيت هوندي هُيس. ڀٽائيءَ جي شخصيت، سوانح، خاندان توڙي راڳ ويراڳ بابت پنهنجي وقت ۾ مستند راڳي سمجھيو ويندو هو. هر جمعي جي رات درگاهه تي فقيرن سان گڏجي راڳ ڳائيندو هو ۽ خود به شعر چوندو هو. 14 محرم 1352 هجري/ 18 مئي 1933ع تي هي جهان ڇڏيائين.
کٻڙ فقير سومرو: لطيفي راڳ جو ناميارو راڳي کٻڙ فقير ولد ابو طالب سومرو، 1960ع ڌاري بلڙي شاهه ڪريم (موجوده ضلعي ٽنڊي محمد خان) ۾ پيدا ٿيو. هن 18 سالن جي ڄمار کان ئي شاهه جي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس وڏڙا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا راڳي هئا. هي سومرا خاندان‘، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي راڳين طور ايامن کان مشهور آهي. کٻڙ فقير جي وڏڙن مان ٻه بزرگ: فقير حاجي الله ڏنو سومرو ۽ حاجي ابراهيم سومرو، شاهه لطيف سان گڏ راڳ آلاپيندا هئا. کٻڙ فقير، شاهه جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ پوري پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن: آمريڪا، فرانس، جرمني، پئرس، آسٽريليا، انگلنڊ ۽ ڀارت ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيءُ فقير ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي راڳ واري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان پڻ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. سندس ڀاڻيجو محمد اشرف سومرو سندس شاگرد آهي، جيڪو پڻ شاهه جي درگاهه جو خاص راڳي آهي، ان کان سواءِ کٻڙ فقير جا ٻيا به ڪيترا شاگرد آهن.
سيد جمن شاهه: لطيفي راڳ جي نامياري راڳي سيد جمن شاهه ولد سيد مير محمد عرف ميرل شاهه جو جنم، 1960ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾
ٿيو. هن 20 سالن جي ڄمار کان شاهه جي راڳ جي سکيا فقير جڙيل لنجواڻيءَ کان وٺڻ شروع ڪئي. هن دور ۾ فقط ٻه راڳي فقير خان محمد چانڊيو ۽ سيد جمن شاهه، لطيفي ڪلام جي بهترين راڳي هجڻ جو درجو رکن ٿا. سيد جمن شاهه ملڪي توڙي
بين الاقوامي سطح تي شاهه جي راڳ کي پيش ڪندو رهي ٿو. جديد موسيقيءَ جي ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پڻ بين الاقوامي سطح تي شاهه جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. سيد جمن شاهه هن وقت سنڌ ثقافت کاتي جي ڀٽ شاهه ۾ قائم شاهه جي راڳ واري مرڪز ۾ نوجوانن کي شاهه جي راڳ جي سکيا ڏئي رهيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي اولاد مان سيد مير محمد شاهه ڏني شاهه جي راڳ وارو ورثو منتقل ڪيو آهي.
فقير امداد علي لغاري: فقير امداد علي ولد محمد جمن لغاريءَ، ڳوٺ غلام محمد لغاري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. هي فقير گذريل چاليهن سان کان لطيفي سُر ۽ داستان آلاپي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس خاندان مان سندس چاچو منگل فقير، شاهه جو راڳ آلاپيندو هو. هن فقير شاهه جي راڳ جي تربيت پنهنجي چاچي وٽان ئي حاصل ڪئي. فقير امداد علي هن وقت جواڻ فقير جي اڳواڻيءَ ۾ اڱاري جي ڏينهن شام جو درگاهه جي حاضري ڀريندو آهي.
سيد حاڪم علي شاهه: شاهه لطيف جو ناميارو راڳي سيد حاڪم علي ولد سيد مراد علي شاهه 1955ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو. شاهه جي راڳ جو هنر کيس ورثي ۾ مليو، سندس وڏن مان، خاص ڪري سيد مير محمد شاهه، ’شاهه جو راڳ‘ آلاپيندو هو، جيڪو لطيف جي پڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه تي حاضري ڀريندو هو. سيد حاڪم علي شاهه لڳ ڀڳ 47 سالن جي عمر ۾ 2002ع کان ’شاهه جو راڳ‘ آلاپي رهيو آهي. هن لطيفي راڳ جي سکيا سيد جمن شاهه کان حاصل ڪئي، هي فقير هر اڱاري جي شام جو سيد ميرل شاهه ۽ فقير قادر بخش خاصخيليءَ سان گڏ درگاهه تي راڳ جي حاضري ڀريندو آهي.
قمبر علي لنجواڻي: لطيفي راڳ آلاپيندڙ شاهه جي راڳيءَ قمبر علي ولد مرحوم جلال فقير لنجواڻيءَ جو جنم 1949ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر
فـقـيـر لـنجـواڻـي، ضلعـي مٽيـاريءَ ۾ ٿيـو.
قمبر عليءَ جو پڙ ڏاڏو ڪيهر فقير پنهنجي دور جو وڏو راڳي ٿي گذريو آهي، جنهن جي تدفين شاهه سائينءَ جي پيرانديءَ واري پاسـي ٿيل آهي. اهـڙيءَ طـرح هـي خـاندان نـسل در نـسـل شاهه جي راڳ کي سيني ۾ سـانـڍيـنـدو اچـي. قـمبـر عـلـي لـنـجـواڻـيءَ، شاهه جي راڳ جي سکيا جلال فقير ۽ جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان حاصل ڪئي ۽ هن وقت پنهنجي سُنگ جو اڳواڻ آهي. سندس سنگ ۾
7 راڳي: (1) سيد گدا حسين شاهه، (2) ربڏنو جوڻيجو ، (3) منٺار علي جوڻيجو، (4) لعل محمد خاصخيلي، (5) وريام خاصخيلي، (6) منور علي لنجواڻي ۽ (7) سجاد علي چنو شامل آهن. اهي فقير هر سومر جي ڏينهن شام جو درگاهه تي حاضري ڀري، شاهه جا مختلف سُر آلاپيندا آهن.
قمبر علي لنجواڻيءَ، پوري پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن، جهڙوڪ: آمريڪا، جرمني، انگلينڊ، فرانس، آسٽريليا، ڀارت، هالينڊ ۽ ٿائلينڊ ۾ شاهه جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ پيش ٿي، وڏو داد حاصل ڪيو آهي.
گل محمد خاصخيلي: شاهه جي ڪلام جو راڳي فقير گل محمد ولد فقير مولابخش خاصخيلي، 1963ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان پنجن پيڙهين کان شاهه جي راڳي گھراڻي جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڏاڏو فقير محمد ابراهيم خاصخيلي، شاهه سائينءَ جي درگاهه جي پنجين گادي نشين جي دور ۾ راڳ آلاپيندو هو. اڃا به وڌيڪ اوائل ۾ سندن خاندان جا ٻه وڏڙا سومر فقير ۽ پيارو فقير، شاهه سائينءَ جي دور ۾ ئي راڳ ڳائيندا هئا.
گل محمد فقير 16 سالن جي عمر کان ئي شاهه جو راڳ ڳائيندو اچي. سندس استاد کٻڙ فقير آهي. گل محمد فقير ۽ سندس ساٿي هر ڇنڇر ڏينهن آچر جي رات شاهه سائينءَ جي درگاهه تي حاضري ڀري راڳ آلاپيندا آهن. کٻڙ فقير شاهه جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ پوري پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن، آمريڪا، فرانس، جـرمنـي، پئرس، آسٽريليا، انگلنڊ ۽ هندستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ محمد ابراهيم فقير پڻ شاهه جو راڳ ڳائيندو هو، جيڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ 2011ع ۾ وفات ڪري ويو.
گل محمد فقير لڳ ڀڳ شاهه جا سڀئي سر آلاپيندڙ راڳي آهي.
منٺار فقير جوڻيجو: شاهه لطيف جي هن راڳيءَ جو اصل نالو فقير رسول ڏنو ولد محمد سليمان جوڻيجو آهي، جنهن جو جنم 12 نومبـر 1964ع تـي ڳوٺ وسـي مـراد شـاهه ضلـعـي مـٽـيـاريِءَ ۾ ٿيـو. شـاهه جي راڳ جي سکيا فقير گل محمد پهوڙ کان وٺڻ بعد سن 1979ع کان درگـاهه تـي باقاعدگيءَ سان راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت سومر جي ڏينهن ٻئي پهر ۾ درگاهه تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. شاهه جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ پڻ اٿس.
فقير محمد جمن: شاهه جي هن جهوني راڳي جو تعلق ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (ضلعي مٽياريءَ) سان آهي، سندس جنم 1957ع ۾ نهال فقير لنجواڻيءَ جي گهر ٿيو. شاهه جي راڳ جي سکيا نالي واري شاعر ۽ شاهه جي راڳي فقير قربان آزاد لنجواڻي کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1975ع کان هن وقت تائين درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
دائم فقير نظاماڻي: شاهه جو راڳي دائم فقير ولد لعل محمد نظاماڻي، 1953ع ڌاري تعلقي هالا جي ڳوٺ جمال خان نظاماڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. دائم فقير نظاماڻيءَ، شاهه جو راڳ 22 سالن جي ڄمار کان ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي سکيا مرحوم جان محمد نظاماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. شاهه جي راڳ جي حوالي سان مختيار فقير سنديلي جي سُنگ سان هر اڱاري ڏينهن منجھند جو شاهه سائينءَ جي درگاهه جي هي فقير حاضري ڀريندو آهي. ان سنگ ۾ دائم فقير سميت شاهه جا 6 راڳي حاضري ڀريندا آهن.
استاد جڙيل فقير لنجواڻي: شاهه جي هن نالي واري فقير جو تعلق ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (ضلعي مٽياريءَ) سان آهي. سندس پيدائش جلال فقير لنجواڻيءَ جي گهر سال 1946ع ۾ ٿي. شاهه جي راڳ جي باقاعدي سکيا پنهنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1959ع کان مسلسل درگاهه تي شاهه جو راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت ڇنڇر جي سڄي ڏينهن تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. جڙيل فقير پنهنجي فن جو مظاهرو پاڪستان کان ٻاهر آمريڪا، فرانس، جرمني، تُرڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪري چڪو آهي. سندس تربيت هيٺ چاليهه کان وڌيڪ شاگرد شاهه جي راڳ جي سکيا حاصل ڪري چڪا آهن. پاڻ شاهه جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ رکي ٿو.
محمد رحيم شاهاڻي: شاهه جو راڳي محمد رحيم ولد لعل محمد شاهاڻي 1951ع ڌاري ضلعي سانگھڙ، تعلقي ٽنڊي آدم جي ڳوٺ احمد خان شاهاڻيءَ ۾ جنم ورتو. هي فقير 30 سالن جي ڄمار کان شاهه جي درگاهه تي شاهه جو راڳ ڳائي رهيو آهي ۽ هر اڱاري جي ڏينهن مختار فقير سنديلي جي سُنگ سان درگاهه تي حاضري ڀريندو آهي.
راڻو فقير جوڻيجو: شاهه سائينءَ جو راڳي راڻو فقير ولد الهورايو جوڻيجو، 1958ع ۾ پيدا ٿيو. هي فقير 20 سالن جي ڄمار کان راڳ سان لاڳاپيل آهي. شاهه جي راڳ جي سکيا هن استاد فقير گل محمد پهوڙ کان حاصل ڪئي. راڻو فقير، هر ڇنڇر جي ڏينهن آچر جي رات تي فقير گل محمد خاصخيليءَ جي سنگ سان شاهه سائينءَ جي درگاهه تي راڳ ڳائي حاضري ڀريندو آهي. هي فقير شاهه سائينءَ جي راڳ کي ملڪ سميت دنيا جي ٻين ملڪن: انگلئنڊ، جرمني، هالئنڊ ۽ آسٽريليا ۾ ڳائي چڪو آهي. سندس ٻه ننڍا ڀائر فقير ربڏنو جوڻيجو ۽ منٺار فقير جوڻيجو پڻ شاهه جي راڳ ۾ حصو وٺي سُر ۽ داستان ڳائي رهيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر کانپوءِ سندن چوٿين خليفي ميين اسماعيل جوڻيجي جي دور کان
راڻي فقير ۽ سندس ڀائرن کي شاهه جي راڳ جي ونڊ مليل آهي، جڏهن ته تمر فقير وٽان پڻ جوڻيجن فقيرن کي شاهه جي راڳ جو ڪافي بُخرو حاصل ٿيو.
قربان علي کوسو: قربان علي ولد محمد اسماعيل کوسو، شاهه جي راڳ جو سٺو راڳي آهي. سندس جنم 1968ع ڌاري نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شاهه سائينءَ جي راڳ ڳائڻ جي عشق ۾ 1975ع ڌاري، 7 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي لطيفي درگاهه تي آيو ۽ مرحوم فقير محمد عرس ساند کان شاهه جي راڳ جي سکيا ورتائين. قربان علي کوسو هن وقت سيد سجاد شاهه جي سنگ سان لطيفي راڳ آلاپيندو آهي ۽ هر خميس جي ڏينهن صبح کان شام تائين درگاهه تي راڳ آلاپي حاضري ڀريندو آهي. قربان علي کوسو، مهراڻ ٽي. ويءَ تي نشر ٿيندڙ پروگرام ‘شاهه جو راڳ’ ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
انور علي خاصخيلي: نامور لطيفي راڳي فقير انور علي ولد ٺارو فقير خاصخيلي، 1968ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. هن شاهه جي راڳ جي سکيا فقير گل محمد خاصخيليءَ کان حاصل ڪئي. انور عليءَ جي خاندان جا وڏڙا شاهه عبداللطيف جي وقت جا راڳي هئا. ان دور کان پوءِ نسل در نسل شاهه جي راڳ جو هنر سندن خاندان کي نصيب ٿيندو آيو آهي. انور علي پنهنجي استاد گل محمد فقير جي اڳواڻيءَ ۾ هر ڇنڇر جي ڏينهن لطيفي راڳ آلاپي درگاهه جي حاضري ڀريندو آهي، جنهن سنگ ۾ جملي ست فقير شامل هوندا آهن. انور علي لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ شاهه جي راڳيءَ جي حيثيت سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سندس پسند جا راڳ راڻو ۽ مارئي آهن. هي فقير شاهه جو راڳ انتهائي شوق ۽ عقيدت ۾ آلاپيندو آهي.
جـواڻ فـقيـر ڇڄـڙو: شاهه سـائيـنءَ جي جھـوني راڳـي جـواڻ فـقيـر ولد واحد بخش ڇڄڙي، 1944ع ڌاري ڳوٺ گاهي خان ڇڄڙي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان حاصل ڪيائين. هي فقير 20 سالن جي عمر کان شاهه سائينءَ جي راڳ سان سلهاڙيو اچي. هن کان اڳ سندس والد شاهه جو راڳ آلاپيندو هو، جنهن پنهنجي فرزند تائين لطيفي راڳ جو فن منتقل ڪيو. جواڻ فقير هر اڱاري جي ڏينهن، فقير قادر بخش خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شاهه لطيف جي درگاهه جي حاضري ڀريندو آهي. ان کان سواءِ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد تائين شاهه جا سُر آلاپي چڪو آهي.
فقير شاهنواز بڙدي: شاهه سائينءَ جو راڳي فقير شاهنواز ولد مصري فقير بڙدي، 9 ڊسمبر 1972ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. شاهه جي راڳ آلاپڻ جي سکيا شاهه جي برک راڳي سيد جمن شاهه کان ورتائين. شاهنواز فقير 25 سالن جي ڄمار کان شاهه جو راڳ آلاپيندو اچي ٿو. سندس والد مصري فقير بڙدي، لطيفي درگاهه جو خدمتگار هو، جنهن پنهنجي پٽ کي شاهه جي راڳ طرف مائل ڪيو. شاهنواز فقير، ‘بڙديخاندان جو پهريون شاهه جو راڳي آهي، هيءُ فقير جمن لنجواڻيءَ جي سنگ سان هر ڇنڇر جي ڏينهن لطيفي راڳ آلاپي، درگاهه جي حاضري ڀريندو آهي.
فقير محمد اسماعيل مير جت: فقير محمد اسماعيل ولد فقير مير محمد ميرجت، پهرين فيبروي 1975ع تي ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو، شاهه جي راڳ جي گائڪي کيس ورثي ۾ ملي، سندس خاندان مان درک فقير ميرجت، شاهه جو مهان راڳي ٿي گذريو آهي. فقير محمد اسماعيل 1998ع کان لاڳيتو شاهه جي راڳ جي تعليم ورتي، شاهه جي راڳ آلاپڻ ۾ سندس استاد سيد جمن شاهه آهي. هن کي شاهه سائينءَ جي 25 سُرن آلاپڻ تي خاص عبور حاصل آهي. اسماعيل فقير هر ڇنڇر جي شام جو گل محمد خاصخيليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لطيفي درگاهه جي حاضري ڀريندو آهي. فقير محمد اسماعيل مير جَت، سال 2002ع ۾ ڀارت جي دوري دوران دهلي، ممبئي ۽ جئپور ۾ سيد جمن شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ شاهه جو راڳ آلاپي تاريخي داد حاصل ڪيو. کيس واپڊا ڊپارٽمينٽ ۾ سرڪاري ملازمت به آهي ۽ ريڊيو ڀٽ شاهه تي لطيفي راڳ تي مشتمل پروگرام جي ڪمپئرنگ جا فرض پڻ انجام ڏئي رهيو آهي.
فقير خان محمد چانڊيو: شاهه جي نامور راڳي فقير خان محمد ولد فقير مرحوم محمد عرس چانڊيي، 1945ع ڌاري ڳوٺ ڪڙيي گھنور، ديهه دليل چانڊيي، تعلقي گولاڙچي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. خان محمد چانڊيو هن وقت شاهه سائينءَ جي وڏن راڳين ۾خاص جاءِ والاري ٿو. شاهه سائينءَ جي 36 سُرن مان خاص ڪري سُر گھاتو، کؤنرِي، وهاڳڙو ۽ سر شينهن ڪيڏارو آلاپجڻ ۾ نه اچي سگهيا آهن. پر اُهي سُر شاهه سائين جي گنج ۾ موجود آهن. اهڙيءَ طرح هن چئن سرن مان هڪ سر وهاڳڙو ڳايو آهي، جنهن کي راڳ جي شڪل سيد غلام حيدر شاهه ڏني. جڏهن سيد غلام حيدر شاهه، سُر وهاڳڙي جو چالو شاهه سائينءَ جي راڳ مان ٺاهيو ته پنهنجي واسطيدار ڪجھه فقيرن: فقير الله بچايي تمراڻي، فقير قربان آزاد ۽ فقير محمد جڙيل لنجواڻيءَ کي سڏائي سُر وهاڳڙي جو آلاپ سمجھايو ۽ آخر ۾ نئين راڳيءَ طور فقير خان محمد کي گھرائي، اُن کي اهو آلاپ سمجھايائين ۽ هي راڳ وهاڳڙي کي آلاپڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ساڳيو سُـر رڪـارڊ پـڻ ڪـرايائيـن. فـقيـر خان محـمد چـانڊيـي، سيد غلام شاهه ۽ غلام حيدر شاهه کان سکيا ورتي. خان محمد چانڊيو مسلسل شاهه جي راڳ جي آبياري ڪري رهيو آهي.
غلام اڪبر ملاح: شاهه لطيف جو راڳي غلام اڪبر ولد خدا بخش ملاح 1991ع ۾ شاهه جي نگري ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. غلام اڪبر ملاح 2005ع کان شاهه جي راڳيءَ طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن شاهه جي راڳ جي تربيت کٻڙ فقير سومري کان حاصل ڪئي. هي فقير سنڌ کان علاوه ڀارت ۾ به شاهه جو راڳ آلاپي چڪو آهي. کيس سُر سارنگ تي چڱي مهارت حاصل آهي. هي نوجوان راڳي شاهه سائينءَ سان وڏي عقيدت ۽ احترام رکي ٿو. شاهه جي راڳ سان سندس عشق جي حد تائين محبت آهي، پاڻ هڪ محنتي راڳي آهي.
فقير مير حسن تمراڻي: شاهه جي ڪلام جو نامور راڳي فقير مير حسن ولد فقير محمد يوسف تمراڻي 1953ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق شاهه سائينءَ جي حياتيءَ واري دور جي شاهه سائينءَ جي خاص راڳي تمر فقير جي خاندان سان آهي. هي ڀٽائي صاحب جي مريد هجڻ سبب ننڍپڻ کان ئي شاهه سائينءَ جي درگاهه سان وابسته رهيو. جيئن ته درگاهه تي سدائين لطيفي راڳ جاري رهي ٿو. هن 19 سالن جي عمر ۾ احمد فقير تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري شاهه جي راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. کيس شاهه جي سرن سان گڏ شاهه جي دنبوري تي به عبور حاصل آهي. شاهه جي سڀني سُرن کي تمام سهڻي نموني پيش ڪندو آهي، پر سر سورٺ ۽ سر مارئيءَ تي دسترس حاصل اٿس. سڄيءَ سنڌ کان سواءِ ملڪ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به شاهه جو ڪلام ڳائي تمام گھڻي مڃتا ماڻي چڪو آهي. فقير مير حسن، جرمني، فرانس، اسپين ۽ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ وڏن پروگرامن ۾ پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. هيءُ مختلف ريڊيو اسٽيشنن ۽ ٽي. وي چئنلن تي به ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي. فقير مير حسن تمراڻيءَ، 2010ع ۾ لطيف اوارڊ پڻ ماڻيو، ان کان سواءِ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر شاهه جي سُرن تي ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪو آهي. ڪيترن ئي نون راڳين کي شاهه جي سُرن جي سکيا ڏئي رهيو آهي. سندس ڪيترا شاگرد شاهه جي سرن کي ڳائي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. فقير مير حسن؛ جمعي ۽ سومر جي رات، شاهه جي درگاهه تي راڳين جي اڳواڻي ڪندو آهي. هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (ضلعي مٽياريءَ) ۾ رهائش پذير آهي.
لياقت علي لنجواڻي: شاهه سائينءَ جي ڪلام جي نامور راڳي لياقت علي ولد علي محمد لنجواڻيءَ، 1961ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. سندس خاندان شاهه لطيف جو عقيدتمند رهيو آهي. هي پندرهن سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ [1976ع کان] شاهه جي سُرن سان سلهاڙجي، فقير قربان علي لنجواڻيءَ کان شاهه جي ڪلام ۽ سرن جي سکيا وٺڻ لڳو. پنهنجي استاد جي شفقت ۽ محبت سبب ٿوري ئي عرصي ۾ راڳ سان گڏ دنبوري جي به سٺي مهارت حاصل ڪري ورتائين. کيس شاهه سائينءَ جي ڪيترن ئي سرن تي عبور حاصل آهي. لياقت علي لنجواڻي سڄي زندگي شاهه جي درگاهه ۽ راڳ سان لاڳاپيل رهيو آهي. شاهه جي درگاهه کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. پاڻ هر ڇنڇر رات شاهه جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ ۾ حاضري ڀريندو رهندو آهي. هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ فقير ڪيهر لنجواڻيءَ ۾ رهي ٿو ۽ شاهه جي راڳ سان سلهاڙيو اچي ٿو.
رحيم ڏنو فقير: شاهه جي راڳ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ راڳي رحيم فقير جو اصل نالو رحيم ڏنو ولد الهورايو جوڻيجو آهي. هن چوٿين جولاءِ 1974ع تي وسي مراد شاهه (هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. شاهه لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق ۾ 1986ع ڌاري ننڍي عمر ۾ ئي فقير گل محمد خاصخيليءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ سکڻ لڳو. محنت ۽ شوق سان ٿوري ئي عرصي ۾ راڳ سان گڏ دنبوري تي به سٺي مهارت حاصل ڪري ورتائين. رحيم فقير، شاهه جا تقريباً سڀئي سر سهڻي انداز ۾ پيش ڪندو آهي. رحيم فقير پي. ٽي. وي اسلام آباد، ڪوئيٽا، لاهور ۽ ڪراچيءَ سان گڏ جيو (Geo) ۽ ٻين ڪيترن ٽي. وي چئنلن تي شاهه جي سرن جي حوالي سان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ آمريڪا، جرمني، آسٽريليا، پئرس، انگلنڊ، انڊيا، ناروي، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ شاهه جو راڳ متعارف ڪرائي چڪو آهي. کيس فن جي مڃتا طور 2012ع ۾ شاهه جي راڳيءَ جو لطيف اوارڊ مليو. ان کان سواءِ ورلڊ پرفارمنگ ميوزيڪل فيسٽيول اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي انعام ۽ سرٽيفيڪيٽ پڻ مليا اٿس. رحيم فقير، شاهه جي راڳ جي ڪيترن ئي راڳين کي سکيا پڻ ڏني آهي. پاڻ جمعي جي صبح ۽ آچر جي رات، لطيف سائينءَ جي درگاهه تي ڳائيندو آهي. هن وقت ڳوٺ وسي مراد شاهه (ضلعي مٽياريءَ) ۾ رهائش پذير آهي.
فقير خير محمد ملاح: شاهه جو راڳي خير محمد ولد فقير ڀلو ملاح، 1956ع ڌاري کاڻوٺ تعلقي هالا ۾ ڄائو. شاهه سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 1982ع ڌاري گلو فقير چنڊ وٽ راڳ سکڻ لاءِ ويٺو، جنهن جي شاگرديءَ ۾ رهي، شاهه جي راڳ ۽ شاهه جي دنبوري جي وڄت ۾ مهارت حاصل ڪيائين. کيس سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر سهڻي ۽ سر مارئيءَ کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو فن آهي. شاهه سائينءَ جي درگاهه کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ پڻ راڳ آلاپيندو رهي ٿو. درگاهه تي راڳ جي محفل ۾ سندس ڳائڻ وارو ڏينهن اڱارو ۽ اربعا مقرر آهي.
فقير ڏنو ٿهيم: شاهه جي ڪلام جي هن مقبول راڳيءَ جو اصل نالو قادر ڏنو ولد غلام محمد ٿهيم آهي. هن 1955ع ۾ ڀٽ شاهه تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ راڳ سان دلچسپي رهي. اڳتي هلي 1982ع ڌاري فقير محمد يعقوب ٿهيم جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. راڳ سان گڏ دنبوري وڄائڻ ۾ پڻ مهارت حاصل ڪـيـائـين. شـاهه سائيـنءَ جي داسـتانن مان خاص ڪري سر سهڻي، سر مارئي ۽ سر ڪيڏاري جي سٺي ڄاڻ اٿس. ڀٽائيءَ جي درگاهه تي ڳائڻ کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائي ڪافي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. فقير ڏنو ٿهيم پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تان شاهه جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. درگاهه تي شاهه جي راڳ جي ٿيندڙ روزاني محفلن ۾ جمعي جي ڏينهن ۽ ڇنڇر جي رات سر آلاپيندو آهي. هن وقت ڳوٺ محمود ٿهيم ضلعي مٽياريءَ ۾ رهائش پذير آهي.
فقير الهڏنو نظاماڻي: شاهه جو راڳي فقير الهڏنو ولد فقير محمد نظاماڻي، 1954ع ڌاري ڳوٺ عارب نظاماڻي (تعلقي هالا) ۾ ڄائو. کيس شاهه جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس خاندان ۾ نسل در نسل شاهه جو راڳ هلندو پيو اچي. هن 1966ع ڌاري ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ سيد غلام شاهه جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس سر سهڻي ۽ سر مارئي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ هو. ان سان گڏ دنبورو پڻ مهارت سان وڄائيندو هو. هيءُ شاهه سائينءَ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ سان گڏ سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ به حصو وٺندو رهندو هو. پي. ٽي. وي ڪراچي ۽ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان شاهه جو راڳ آلاپيو هئائين. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفل جي خميس جي رات ۽ جمعي جي صبح واري راڳ جو اڳواڻ هو. ڪجهه مهينا اڳ وفات ڪري ويو آهي.
فقير امام بخش خاصخيلي: شاهه جي راڳي فقير امام بخش ولد کٻڙ فقير خاصخيليءَ، 1965ع ڌاري ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان شاهه جي راڳ سان وابسته رهيو آهي. هن 1986ع ڌاري پنهنجي والد کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، مختصر عرصي ۾ ذاتي شوق، محنت ۽ والد جي سرپرستيءَ ۾ شاهه جي راڳ جي سٺي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. فقير امام بخش، شاهه جي مختلف سرن تي دسترس رکي ٿو، کيس دنبوري وڄائڻ جو فن به آهي. پاڻ شاهه سائينءَ جي درگاهه جي صحن ۾ ڳائڻ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هر سومر رات درگاهه جي حاضري ڀريندو آهي. هن وقت ڀٽ شاهه ۾ رهائش پذير آهي.
محرم فقير تمراڻي: شاهه جي راڳي محرم علي ولد احمد فقير تمراڻيءَ، 1955ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان، سندن وڏي تمر فقير جي زماني کان وٺي شاهه جي راڳ سان واڳيل رهيو آهي. محرم فقير جو والد احمد فقير به شاهه جو راڳي هو. هن جو خاندان نسل در نسل شاهه جو راڳ ڳائيندو اچي ٿو. محرم فقير 1983ع ڌاري پنهنجي والد کان شاهه جي راڳ جي سکيا ورتي، کيس شاهه جي راڳ جي قانون ۽ ڪجھه سرن جي سٺي پروڙ آهي. ان سان گڏ شاهه جو دنبورو به مهارت سان وڄائيندو آهي. هي درگاهه لطيف سان گڏ درگاهه شاهه ڪريم بلڙيءَ تي پڻ راڳ آلاپيندو آهي. خانداني طرح شاهه سائينءَ جو مريد ۽ پنهنجي مرشد سان عقيدت رکندڙ آهي. درگاهه شاهه لطيف تي ٿيندڙ راڳ ۾ سومر ۽ جمعي جي رات وارن راڳين جي سٿ ۾ شامل آهي ۽ هن وقت ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
فقير علي ڏنو تمراڻي: هن شاهه جي راڳيءَ جو اصل نالو فقير علي حسن عرف علي ڏنو ولد فقير لائق ڏنو تمراڻي آهي. هن 1954ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. هي تمر فقير جي اولاد [تمراڻي خاندان] مان آهي. کيس شاهه جو راڳ خانداني طرح ورثي ۾ مليل آهي. هن 1974ع ڌاري ميري فقير لنجواڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا ورتي. فقير علي ڏنو تمراڻي، سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر ڪاموڏ ۽ سر سهڻيءَ سان گڏ شاهه سائين جو ايجاد ڪيل ساز دنبورو سهڻي نموني وڄائيندو ۽ آلاپيندو آهي. فقير علي ڏنو، درگاهه شاهه لطيف ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ وارين محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو. هيءُ درگاهه شاهه لطيف تي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ جمعي جي رات حصو وٺندو آهي، فقير علي ڏنو تمراڻي، پنهنجي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
فقير يار محمد تمراڻي: شاهه جو راڳي فقـيـر يار محـمد ولد فقيـر محمد عثمان تمراڻي، 1965ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ ڄائو. سندس خاندان شاهه لطيف جي خليفي تمر فقير کان وٺي سيني به سيني شاهه جو راڳ آلاپيندو اچي ٿو. هن شاهه سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب پنهنجي خانداني روايت برقرار رکندي، 1990ع ڌاري پنهنجي خاندان جي راڳي، فقير مير حسن تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس شاهه جي راڳ جي قانون، شاهه جي ڪجھه سرن ۽ شاهه جي ساز دنبوري جي وڄت جي سٺي ڄاڻ آهي. هي درگاهه شاهه لطيف کان سواءِ درگاهه شاهه ڪريم تي پڻ ڳائيندو آهي. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ سومر جي رات وارن شاهه جي راڳين جي سٿ ۾ شامل آهي. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
فقير غلام عباس تمراڻي: شاهه جي راڳي غلام عباس ولد فقير محمد رمضان تمراڻيءَ، 1971ع ڌاري ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي (تعلقي هالا) ۾ شاهه جي راڳي تمراڻي گھراڻي ۾ جنم ورتو. شاهه جو راڳ سندن خاندان ۾ نسل در نسل هلندو اچي. هن شاهه سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 1999ع ڌاري فقير مير حسن تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس شاهه جي راڳ جي قانون، ڪجھه سرن ۽ شاهه جي دنبوري وڄائڻ جي مهارت حاصل آهي.
فقير غلام عباس، درگاهه لطيف تي هميشه کان راڳ آلاپيندو رهي ٿو.
هي شاهه لطيف جو مريد به آهي ۽ درگاهه شاهه لطيف تي ٿيندڙ راڳ ۾ سومر رات وارن راڳين ۾ شامل آهي. هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهي ٿو.
طالب تمراڻي: شاهه جي راڳي طالب تمراڻيءَ جو اصل نالو طالب حسين ولد علي حسن عرف فقير علي ڏنو تمراڻي آهي. هن 8 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. هن کي به شاهه جو راڳ خانداني طور ورثي ۾ مليو. هن 1999ع ڌاري فقير رسول بخش جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس سر سهڻي، سرسسئي، سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر مارئيءَ جي ڳائڻ جي قاعدن کان علاوه شاهه جي راڳ جي قانون ۽ شاهه جي ساز دنبوري جي وڄت جي چڱيءَ ريت پروڙ آهي. طالب تمراڻي، شاهه لطيف جي درگاهه جي صحن ۾ راڳ آلاپيندو رهندو آهي. درگاهه جي صحن ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ وارين محفلن ۾ جمعي جي رات وارن راڳين ۾ شامل آهي. هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي.
فقير سائين بخش نظاماڻي: شاهه جي راڳي سائين بخش ولد خان فقير نظاماڻيءَ، 1961ع ڌاري ڳوٺ علي محمد نظاماڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. ويهن سالن جي ڄمار ۾ 1981ع ڌاري شاهه جي راڳ جي شوق ۾ فقير الله ڏني جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. کيس ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، ڪاموڏ، ڏهر، بلاول ۽ مارئي سُرن کان سواءِ شاهه جي راڳ جي قانون ۽ شاهه جي ساز دنبوري جي وڄت جي سٺي ڄاڻ اٿس. هي فقير درگاهه شاهه لطيف کان سواءِ درگاهه شاهه ڪريم تي پڻ ڳائيندو رهي ٿو. لطيف جي فڪر سان گھڻي عقيدت رکي ٿو. راڳ جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اڃا به سکيا وٺي رهيو آهي. درگاهه تي ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفل جي جمعي جي رات ۽ آچر تي صبح جو حاضري ڀريندو آهي. هن وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهي.
فقير غلام محمد تمراڻي: شـاهه جي راڳـي فقير غلام محـمـد ولد الهبچايو تمراڻيءَ، 27 جولاءِ 1959ع تي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻي، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ شاهه جي راڳين جي حوالي سان گھڻو مشهور آهي. هن شاهه سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 1994ع ڌاري فقير رسول بخش تمراڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتي. کيس شاهه سائينءَ جي سُرن مان سر ڪلياڻ، سر سهڻي، سر مارئي، سر سسئي، سر ڪيڏاري تي عبور آهي. هن کي شاهه جي راڳ جي قانون ۽ شاهه جي ساز دنبوري جي وڄت تي به عبور آهي. هي درگاهه شاهه لطيف ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو. هر جمعي جي رات درگاهه تي حاضري ڀري راڳ آلاپيندو آهي.
قادن فقير خاصخيلي: شاهه جي راڳي قادن فقير جو اصل نالو قادر بخش ولد ڪارو فقير خاصخيلي آهي. هن ڇهين جولاءِ 1958ع تي ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي شاهه جي راڳ ۾ دلچسپي رهي آهي. هن 1975ع ڌاري کٻڙ فقير خاصخيليءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. استاد جي شفقت ۽ محنت سان شاهه جي سڀني داستانن ۽ راڳ جي قانون جي سکيا وٺڻ بعد کيس
سر ڪلياڻ، سر سسئي، ۽ سر راڻي جي گائڪيءَ تي خاص عبور حاصل ٿيو. هيءُ دنبورو به پوري قاعدي ۽ قانون سان وڄائي ڄاڻي ٿو. قادن فقير بي. بي. سي لنڊن، پاڪستان ٽيليويزن لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد، ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ ريڊيو جي ڪيترين ئي اسٽيشنن جي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺي چڪو آهي. هي فقير ملڪ کان ٻاهر جرمني، آسٽريليا، هالئنڊ ۽ انڊيا جا پڻ دورا ڪري چڪو آهي، جتي کيس تمام گھڻي موٽ (response) ملي. شاهه جي راڳ جي ادائيگيءَ تي کيس ٻاهرين ملڪن مان به اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن. سنڌ ۾ کيس 2005ع ۾ لطيف اوارڊ مليو. ان کان سواءِ ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. کيس سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر شاهه جي راڳ جي حوالي سان تمام گھڻي شهرت ملي آهي. هن ڪيترن ئي شاگردن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏني آهي. قادن فقير، درگاهه شاهه لطيف تي ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ اربعا جي رات جو راڳ جي اڳواڻي ڪندو آهي ۽ جمعي رات پڻ درگاهه تي حاضري ڀريندو آهي. هن وقت پير محلي ڀٽ شاهه ۾ رهي ٿو.
فـقـيـر غـلام محمـد نظـاماڻي: شـاهه جو راڳـي غلام محمد ولد فقير
موسو خان نظاماڻي، 1965ع ڌاري ڳوٺ حيات نظاماڻي (ضلعي مٽياريءَ) ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان شاهه جي راڳ ۾ دلچسپي رهي آهي. 1988ع ڌاري شاهه جي راڳ جي شوق سبب الهڏني نظاماڻيءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا ورتائين. هي فقير شاهه جي سمورن سرن جي گھڻي ڄاڻ رکي ٿو، پر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سورٺ ۽ مارئيءَ تي خاص عبور اٿس. راڳ جي قانون ۽ دنبوري جي وڄت جي قانونن جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. درگاهه لطيف ۽ درگاهه شاهه ڪريم کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو. پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي ٻين فقيرن سان گڏ پروگرام ڪندو رهيو آهي. ريڊيو اسٽيشن ڀٽ شاهه تي پڻ پروگرام ڪري چڪو آهي. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ ۾ خميس جي رات جو ۽ آچر جي صبح جو حاضري ڀريندو آهي.
فقير ناظم علي لنجواڻي: شاهه جي صحن جي راڳي فقير ناظم علي ولد عزت خان لنجواڻيءَ، 23 جنوري 1992ع تي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. شاهه جي درگاهه تي راڳ ٻڌي، کيس به شاهه جو راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڏهن سالن جي عمر ۾ شاهه جي راڳي قادر بخش خاصخيليءَ جي شاگردي اختيار ڪري، راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي محنت ۽ دلي لڳاءَ سان شاهه جي مختلف سرن ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سهڻي ۽ مارئي نهايت سهڻي انداز م پيش ڪندو آهي. کيس دنبوري وڄائڻ جي به سٺي ڄاڻ حاصل آهي. هيءُ شاهه سائينءَ جي درگاهه کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ به شريڪ ٿي، شاهه جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. فقير ناظم علي لنجواڻي، شاهه جي اڱڻ تي اڱاري جي ڏينهن ۽ اربعا جي رات حاضري ڀريندو آهي.
فقير معشوق علي ملوکاڻي: شاهه جي راڳي فقير معشوق علي ولد فقير محمد حسن ملوکاڻيءَ، 1987ع ڌاري شهر ٽنڊي آدم، ضلعي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. شاهه سائينءَ سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق ۾ 2004ع ڌاري سيد ذوالفقار علي شاهه جي شاگردي اختيار ڪري، شاهه جي راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. استاد جي شفقت ۽ پنهنجي محنت سان شاهه جي ڪيترن ئي سرن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي اٿس، گڏوگڏ شاهه جي ساز دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا ورتي اٿائين. هيءُ شاهه سائينءَ جي درگاهه کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ پڻ شريڪ ٿي، شاهه جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. راڳ جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ اڃا تائين سندس سکيا جو مرحلو جاري آهي. هيءُ شاهه جي صحن ۾ آچر جي ڏينهن ۽ سومر جي رات جو حاضري ڀري راڳ آلاپيندو آهي.
فقير محمد اسلم شيخ: شاهه جي راڳي فقير محمد اسلم ولد عبدالغفور شيخ، 13 اپريل 1982ع تي ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي شاهه جو عقيدتمند رهيو آهي ۽ راڳ جي شوق ۾ 2004ع ڌاري شاهه جي راڳي جڙيل فقير لنجواڻيءَ جي شاگردي حاصل ڪري، راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. کيس شاهه جي راڳ سان گڏ دنبوري جي به سٺي ڄاڻ آهي. هيءُ شاهه سائينءَ جي درگاهه کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي شاهه جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. شاهه جي درگاهه تي اڱاري جي ڏينهن صبح جو حاضري ڀري راڳ ڳائيندو آهي.
سيد ممتاز علي شاهه: شاهه جي راڳي سيد ممتاز علي شاهه ولد سيد ڌڻي بخش شاهه، 28 آڪٽوبر 1966ع تي ڳوٺ سيد وسي مراد شاهه (ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان شاهه جي راڳ سان عقيدت رهي آهي، ان شوق سبب 1986ع ڌاري فقير رسول ڏني عرف فقير منٺار علي جوڻيجي کان شاهه جي راڳ جي سکيا ورتائين. کيس شاهه جي مختلف سرن تي ڄاڻ هجڻ سبب شاهه سائينءَ جي دنبوري جي پڻ ڄاڻ آهي. هيءُ شاهه سائينءَ جي درگاهه کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي، شاهه جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. شاهه سائينءَ جي درگاهه تي آچر جي صبح جو ۽ سومر جي رات حاضري ڀري راڳ ڳائيندو آهي.
پير بخش ٿهيم: شاهه سائينءَ جي راڳي پير بخش ولد الله بخش ٿهيمَ، 1954ع ڌاري ڳوٺ محمود ٿهيم (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. شاهه سائينءَ سان عقيدت سبب کيس راڳ جو شوق پيدا ٿيو، 1974ع ڌاري استاد يعقوب ٿهيم جي شاگردي اختيار ڪري، شاهه جي راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين. کيس شاهه جي مختلف سرن تي ڄاڻ رکڻ سبب شاهه سائينءَ جي دنبوري تي به مهارت رکي ٿو. هيءُ شاهه سائين جي درگاهه کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي شاهه جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو. شاهه سائينءَ جي درگاهه تي ڇنڇر جي صبح جو ۽ آچر جي رات حاضري ڀري راڳ ڳائيندو رهي ٿو.
سيد ماجد علي شاهه: شاهه جي ڪلام جي نوجوان راڳي سيد ماجد علي ولد سيد يار محمد شاهه، 1990ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. شاهه سائينءَ جي عقيدت ۽ راڳ جي شوق ۾ 2004ع ۾ فقير جڙيل لنجوانيءَ جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا ورتائين. استاد جي شفقت ۽ ذاتي محنت سبب مختصر عرصي ۾ شاهه جي سُرن جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. هي سر ڪلياڻ، سر ڪيڏارو ۽ سر ڪاموڏ سهڻي نموني پيش ڪندو آهي. ان کان سواءِ شاهه جو دنبور وڄائڻ به سکيو. سڄيءَ سنڌ ۾ منعقد ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. پاڻ شاهه جي درگاهه تي اڱاري تي صبح جو ڳائيندڙ فقيرن جي ٽولي ۾ شامل آهي. سيد ماجد علي شاهه هن وقت ڀٽ شاهه ۾ رهائش پذير آهي ۽ اڃا سندس سکيا جو مرحلو جاري آهي.
منور علي لنجواڻي: شاهه جي ڪلام جي نوجوان راڳي منور علي ولد فقير خان محمد لنجواڻيءَ، 1992ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس والد خان محمد لنجواڻي، شاهه لطيف جي درگاهه جي صحن جو راڳي هو، جنهنڪري هن کي راڳ ورثي ۾ مليو. هن 2007ع ڌاري راڳ جي سکيا پنهنجي والد کان وٺڻ شروع ڪئي، مختصر عرصي ۾ راڳ سان گڏ شاهه جو دنبورو وڄائڻ به سکي ورتائين. کيس شاهه جي داستان سر سسئي، سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ سهڻي نموني پيش ڪرڻ جو فن آهي. هي فقير شاهه سائينءَ جي اڱڻ تي ڳائڻ کان سواءِ سنڌ جي ٻين درگاهن توڙي عام محفلن ۾ شريڪ ٿي پنهنجا سر آلاپيندو رهي ٿو. هيءُ اڱاري رات درگاهه تي راڳ ڳائيندڙ راڳين ۾ شمار آهي. هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
سيد فقير اعجاز حسين شاهه: شاهه جي راڳيءَ سيد اعجاز حسين شاهه ولد سيد غلام شاهه، پهرين آڪٽوبر 1971ع تي ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر ۾ ئي شاهه جي راڳ سان دلچسپي هئس، ان ڪري 1992ع ڌاري شاهه جي راڳ سکڻ جي شوق ۾ استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ جو شاگرد ٿيو. هن راڳ سان گڏ دنبوري وڄائڻ جي به سکيا ورتي. شاهه جي راڳ جي قانون پٽاندر سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سر رامڪلي ۽ سر مارئيءَ جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو، ان سان گڏ شاهه جي تار اسٿائي انگ واري روپ کي به چڱيءَ طرح آلاپيندو آهي. هي درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ڳائڻ کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو.
فقير امام بخش ڀنگوار: شاهه جي راڳيءَ فقير امام بخش ولد واحد بخش ڀنگوار، پهرين جنوري 1955ع تي ڪشمور ۾ جنم ورتو. شروع کان ئي شاهه سائينءَ سان عقيدت رکندو هو ۽ شاهه جي ڪلام سان گهرو لڳاءُ هئس. جوانيءَ کان وٺي شاهه جو راڳ آلاپيندو هو، پر شاهه جي راڳ ۽ دنبوري جي باقاعدي سکيا 2006ع کان سيد عطا حسين شاهه کان ورتائين. شاهه جي راڳ جي قانون هيٺ سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر رپ، سر کاهوڙي ۽ سر مارئيءَ جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو. شاهه جي راڳ کي اسٿائي انگ ۾ چڱي نموني آلاپيندو آهي. شاهه ڪريم جي درگاهه تي به راڳ ڳائي ٿو. ان کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ دستوري راڳ جي محفلن ۾ اربعا رات وارن راڳين جي سٿ ۾ شامل آهي. هي ڪيترن راڳين کي راڳ جي سکيا ڏئي چڪو آهي.سيد عطا حسين شاهه: شاهه جي راڳيءَ سيد عطا حسين شاهه ولد سيد غلام شاهه، ڀٽ شاهه (ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. شاهه جي راڳ سان سندس خانداني تعلق رهيو آهي. هن 1982ع کان استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ ۽ پوءِ گل محمد خاصخيليءَ کان شاهه جي راڳ جي سکيا ورتي. شاهه جي راڳ سان گڏ شاهه جي دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا ورتائين. هي شاهه جي راڳ جي قانون ۽ شاهه جي سرن سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر کنڀات ۽ سر ڪاموڏ جي ڳائڻ واري انداز کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سيد عطا حسين شاهه وائي تمام سٺي آلاپيندو آهي. درگاهه شاهه لطيف ۽ درگاهه شاهه ڪريم کان سواءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو. هن ڪيترن سيکڙاٽ راڳين کي شاهه جي راڳ جي سکيا ڏني آهي. سندس شاگردن مان فقير امام بخش ڀنگوار اهم آهي.
سيد سجاد حسين شاهه: شاهه جي راڳي سيد سجاد حسين شاهه ولد سيد مهدي شاهه 1975ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. درگاهه شاهه لطيف سان عقيدت ۽ شاهه جي راڳ جي شوق سبب 2002ع ڌاري شاهه جي نامور راڳي سيد جمن شاهه کان ۽ پوءِ خان محمد لنجواڻيءَ کان شاهه جي راڳ جي سکيا ورتائين. کيس شاهه جي راڳ جي قانون ۽ سرن جي چڱي ڄاڻ آهي. شاهه جو دنبورو چڱي انداز ۾ وڄائيندو آهي. درگاهه شاهه لطيف کان سواءِ سنڌ توڙي پنجاب ۾ منعقد ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائي چڪو آهي. کيس لاهور ۾ ورلڊ پرفارمنس [2004ع] دوران اوارڊ پڻ مليو. درگاهه شاهه لطيف تي راڳ جي محفلن ۾ عقيدت طور حاضري ڀريندو رهي ٿو.
فقير عاشق حسين شاهه: شاهه جي راڳيءَ فقير عاشق حسين شاهه ولد سيد نور محمد شاهه 1956ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. کيس شاهه جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس والد شاهه جي راڳ جو ڄاڻو هو. هن 1980ع ڌاري استاد جڙيل فقير لنجواڻيءَ جي رهنمائي حاصل ڪري، شاهه جي راڳ جي سکيا ورتي. راڳ سان گڏ شاهه جي دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا ورتائين. هيءُ شاهه جي سڀني سرن کي شاهه جي راڳ جي قانون موجب چڱي نموني الاپي ٿو. هي فقير درگاهه شاهه لطيف تي ئي ڳائيندو آهي.
شهمير خاصخيلي: شاهه جي راڳي شهمير ولد ميڙائو خاصخيليءَ، 1990ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي شاهه جي راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. 2011ع ڌاري صوف فقير خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾، شاهه جي راڳ جي سکيا ورتائين. ان سان گڏ شاهه جو دنبورو پڻ وڄائڻ لڳو. لاڳيتو هڪ سال جي محنت سان شاهه جي مختلف سرن ۽ شاهه جي راڳ جي قانون جي چڱي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو ۽ شاهه جي راڳ جي سکيا پڻ حاصل ڪري رهيو آهي.
سهراب علي خاصخيلي: شاهه جي راڳي سهراب علي خاصخيلي ولد فقير قادر بخش خاصخيلي، 1985ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. کيس شاهه جو راڳ ورثي ۾ مليو. سندس والد شاهه جي سرن جو ڄاڻو ۽ بهترين راڳي رهيو آهي. سهراب علي خاصخيليءَ، شاهه جي راڳ جي سکيا 2011ع ڌاري پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. هن راڳ سان گڏ دنبورو وڄائڻ پڻ سکيو. درگاهه شاهه لطيف ۽ ڀٽ شاهه ۾ مقامي سطح تي ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي به شاهه جو راڳ الاپي چڪو آهي. درگاهه جي اڱڻ تي ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو.
فقير اختر حسين لنجواڻي: شاهه جي نالي واري راڳي ۽ شاعر فقير قربان علي آزاد لنجواڻيءَ جي هن فرزند سال 1958ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. راڳ جي باقاعدي تربيت پنهنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1977ع کان درگاهه تي راڳ ڪري رهيو آهي. هن وقت ڇنڇر جي رات جو درگاهه تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پڻ شاهه جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. شاهه جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ رکي ٿو. فقير اختر حسين تعليم کاتي سان وابسته پڻ آهي ۽ وڏي وقت کان هڪ استاد جي حيثيت ۾ شاگردن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي.
امام بخش ميرجت: شاهه جي راڳيءَ امام بخش ولد جان محمد ميرجت 1988ع ڌاري ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. ننڍ پڻ کان ئي شاهه جي راڳ ۽ درگاهه سان کيس انس رهيو آهي. شاهه جي راڳ سکڻ جي شوق ۾ 2003ع ۾ شاهه جي راڳي، استاد قادر بخش جي رهبريءَ ۾ راڳ جي سکيا ورتائين. راڳ سان گڏ دنبوري وڄائڻ ۾ پڻ چڱي مهارت رکي ٿو. شاهه جي مختلف سرن ۽ شاهه جي راڳ جي قانون متعلق چڱي واقفيت آهي. درگاهه شاهه لطيف ۽ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ شريڪ ٿي، شاهه جو راڳ آلاپيندو رهي ٿو.
شهمير سنگراسي: شاهه جي راڳي شهمير ولد نواب سنگراسيءَ، 1983ع ڌاري تعلقي هالا جي ڳوٺ دائود سنگراسيءَ ۾ جنم ورتو. شاهه لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 2010ع ڌاري استاد قادر بخش جي رهبريءَ ۾ شاهه جي راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. هيءُ شاهه جي مختلف سرن کي شاهه جي راڳ جي قانون مطابق بهتر انداز ۾ آلاپيندو آهي. هن شاهه جي دنبوري جي پڻ سکيا ورتل آهي. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ڳائڻ کان سواءِ مقامي سطح تي ٿيندڙ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ ڳائيندو رهي ٿو.
نظام علي کوسو: شاهه جو راڳي نظام علي ولد لکمير کوسو، 2 جولاءِ 1986ع تي ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ ڄائو. شاهه لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 2011ع ڌاري قادر بخش خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾، شاهه جي راڳ جي سکيا ورتائين. هيءُ شاهه جي مختلف سرن کي شاهه جي راڳ جي قانون موجب آلاپي ٿو. ان سان گڏ شاهه جو دنبورو پڻ چڱي نموني وڄائيندو آهي. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ به ڳائيندو آهي. اڃا سندس سکيا جو سلسو جاري آهي.
گل محمد خاصخيلي: شاهه جي راڳي گل محمد ولد غلام محمد خاصخيليءَ، 1976ع ڌاري ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. شاهه لطيف سان عقيدت ۽ راڳ جي شوق سبب 2003ع ڌاري قادربخش خاصخيليءَ جي رهنمائيءَ ۾ شاهه جي راڳ جي سکيا ورتائين. هيءُ شاهه جي مختلف سُرن کي شاهه جي راڳ جي قانون موجب آلاپي ٿو. درگاهه شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ به ڳائيندو آهي. اڃا سندس سکيا جو سلسو جاري آهي.
فقير الله ڏنو ملاح: شاهه جو راڳي فقير الله ڏنو ولد جمعو فقير ملاح، 1959ع ڌاري ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي شاهه جي راڳ سان دلچسپي رهي. ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ 1981ع ڌاري شاهه جي راڳي گل محمد خاصخيلي جي رهنمائيءَ ۾، شاهه جي راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. شاهه جي مختلف سرن سان گڏ شاهه جي دنبور وڄائڻ جي سکيا وٺڻ بعد شاهه جي درگاهه جي صحن ۾ ٻين راڳين سان گڏ شاهه جو راڳ آلاپڻ لڳو. کيس شاهه جي راڳ جي قانون جي چڱي ڄاڻ آهي. هي راڳي درگاهه شاهه لطيف کان سواءِ سڄيءَ سنڌ ۾ شاهه جي راڳ جي محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو.
مرحوم فقير برڪت علي: شاهه جي راڳي فقير برڪت علي ولد فقير مولا بخش خاصخيليءَ، پهرين جنوري 1965ع تي، ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. سندس خاندان جو شاهه لطيف سان روحاني رشتو جڙيل آهي، ان نسبت سان کيس به شاهه سائينءَ سان عقيدت ۽ شاهه جي راڳ سان دلچسپي رهي آهي. هن 2004ع ڌاري سيد ذوالفقار علي شاهه جي رهنمائيءَ ۾ شاهه جي راڳ سان گڏ شاهه جي دنبوري وڄائڻ جي پڻ سکيا حاصل ڪئي. کيس شاهه جي مختلف سرن کي شاهه جي راڳ واري قانون موجب ڳائڻ جي چڱي ڄاڻ حاصل آهي. هي درگاهه شاهه لطيف سان گڏوگڏ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ شاهه جي راڳ وارين محفلن ۾ ڳائيندو رهي ٿو. شاهه لطيف جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ ۾ اربعا جي ڏينهن صبح جو راڳين واري سٿ ۾ شامل ٿي، شاهه جو راڳ آلاپي حاضري ڀريندو آهي.
سيد گدا حسين شاهه: شاهه جي هن نوجوان راڳيءَ جو اصل نالو سيد علي ياور شاهه آهي، جيڪو ڀٽائي ساداتن سان تعلق رکندڙ نالي واري شاعر ۽ شاهه سائينءَ جي راڳ جي ڄاڻو سيد علي بخش شاهه المعروف ناز لطيفيءَ جو فرزند آهي. سندس جنم ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾، 23 آڪٽوبر 1971ع تي ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا شاهه سائينءَ جي ناليواري راڳي سيد جمن شاهه کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1998ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت اڱاري جي رات ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو.
فقير گل محمد پهوڙ: شاهه سائينءَ جو هي ناليوارو راڳي ڳوٺ وسي مراد شاهه (تعلقي هالا) سان تعلق رکي ٿو. سندس جنم بلاول علي پهوڙ جي گھر سال 1952ع ۾ ٿيو. هن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد الهڏني نظاماڻيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1971ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. فقير گل محمد پهوڙ، شاهه سائينءَ جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ رکي ٿو ۽ هن وقت اربعا جي سڄي ڏينهن تي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي پڻ ڪري ٿو. راڳداريءَ ۾ سندس ڪيترائي شاگرد درگاهه تي راڳ ڳائي رهيا آهن.
فقير ڪامل ٿهيم: ڀٽائيءَ جي اڳڻ تي هر سومر جي رات راڳ ڪندڙ هي فقير، آچر فقير ٿهيم جو پُٽ آهي. هن 1950ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ئي جنم ورتو ۽ ننڍي عمر کان ئي استاد يعقوب فقير ٿهيم وٽان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سن 1969ع کان ڀٽائيءَ جي درگاهه تي راڳ ڪري رهيو آهي.
فقير امام بخش خاصخيلي: هن فقير جو جنم به ڀٽ شاهه ۾ ئي فقير کٻڙ خاصخيليءَ جي گھر سن 1964ع ۾ ٿيو. راڳ جي تربيت پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪيائين ۽ ان بعد سن 1985ع کان درگاهه تي مسلسل راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير غلام حيدر تمراڻي: شاهه سائينءَ جي هن راڳيءَ جو جنم 30 جنوري 1971ع تي (تعلقي هالا) ۾ الهڏني فقير تمراڻيءَ جي گھر ٿيو. راڳ جي سکيا فقير ميرحسن تمراڻي ۽ ميهار فقير تمراڻيءَ کان ورتائين، جنهن بعد سال 2002ع کان درگاهه شريف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير غلام عباس رند: سن 1973ع ۾ شهدادپور ضلعي سانگھڙ ۾ جنم وٺندڙ شاهه سائينءَ جو هي راڳي، مصري فقير رند جو پٽ آهي. راڳ جي سکيا پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين ۽ سال 2001ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير امير علي: مير محمد لنجواڻيءَ جي هن فرزند جو تعلق پڻ ڳوٺ ڪيهر فقير فقير لنجواڻي ضلعي مٽياريءَ سان آهي. سن 2000ع ۾ جنم وٺندڙ شاهه سائينءَ جو هي ننڍڙو راڳي، 12 ورهين جي عمر يعني سن 2012ع کان استاد جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جي سکيا هيٺ درگاهه تي ٿيندڙ راڳ ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو.
فقير صدر لنجواڻي: سن 1981ع ۾ جنم وٺندڙ شاهه سائينءَ جو هي راڳي، فقير غلام علي لنجواڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جو تعلق پڻ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (تعلقي هالا) سان آهي. شاهه جي راڳ جي سکيا فقير نادر لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سن 1997ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير دلاور: غلام نبي لنجواڻيءَ جي هن پُٽ ڳوٺ ڪيهر خان لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾، سن 2001ع ۾ جنم ورتو ۽ 11 سالن جي عمر، سن 2012ع کان استاد جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جي سکيا هيٺ درگاهه تي ٿيندڙ باقاعدي راڳ ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو.
فقير عبدالرزاق: شاهه سائينءَ جي هن نوجوان راڳي خان محمد فقير جي گھر سال 1996ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ) ۾ جنم ورتو. فقير قائم لنجواڻيءَ کان راڳ جي تربيت وٺڻ بعد سن 2009ع کان درگاهه تي شاهه سائينءَ جو راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير محمد سوڍڙو: شاهه سائينءَ جو هي راڳي حاجي محمد امين سوڍڙي جو فرزند آهي، جنهن جو جنم 1947ع ۾ هالا نوان ۾ ٿيو. شاهه سائينءَ جي راڳ جي سکيا فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1996ع کان درگاهه تي راڳ ۾ شامل ٿيندو آهي.
سيد مير محمد شاهه: شاهه سائينءَ جي هن نوجوان راڳي سيد انيس الحسين شاهه جي گھر، 19 جولاءِ 1986ع تي ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. راڳ جي سکيا سيد جمن شاهه لطيفيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 2007ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير سيد بهزاد شاهه: شاهه جي راڳ سان وابسته هن نوجوان راڳيءَ، ڀٽ شاهه ۾، سيد نور محمد شاهه جي گھر، سال 1975ع ۾ جنم ورتو. شاهه سائينءَ جي راڳ جي باقاعدي سکيا سيد جمن شاهه لطيفيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 2001ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير ربڏنو جوڻيجو: سن 1969ع ۾ الله ورايو جوڻيجي جي گھر ڳوٺ وسي مراد شاهه، تعلقي هالا ۾ جنم وٺندڙ هي راڳي، راڳ جي مڪمل سکيا فقير گل محمد پهوڙ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1984ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
سيد ذوالفقار علي شاهه: سن 1960ع ۾ ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ سيد نور محمد شاهه جي گھر جنم ورتائين ۽ شاهه جي راڳ جي سکيا استاد فقير جُڙيل لنجواڻيءَ کان حاصل ڪرڻ بعد 1983ع کان درگاهه تي راڳ ڪري رهيو آهي. هن وقت اڱاري جي ڏينهن پهرئين پهر ۾ درگاهه تي ٿيندڙ راڳ جي اڳواڻي ڪري ٿو. کيس شاهه سائين جي راڳ جي چڱي ڄاڻ آهي. سندس ڪيترائي شاگرد پڻ درگاهه تي راڳ ڳائي رهيا آهن.
فقير سيد شفقت شاهه: شاهه جي راڳ سان وابسته هن نوجوان راڳيءَ جـو جـنم سيد مُحسن رضا شاهه جي گھر پهرين ڊسمبر 1998ع تي ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان حاصل ڪرڻ بعد 10 سالن جي عمر يعني 2008ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت اڱاري جي ڏينهن پهرين پهر ۾ درگاهه تي ٿيندڙ راڳ ۾ سيد ذوالفقار علي شاهه جي سُنگ ۾ شامل رهي، ڀٽائيءَ جو راڳ ڳائي ٿو ۽ پنهنجي سنگ سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان پڻ شاهه جو راڳ ڳائي چڪو آهي.
جابر علي لنجواڻي: شاهه جي هن راڳيءَ جو اصل نالو فقير رحمت علي ولد نواب علي لنجواڻي آهي. سندس جنم ڀٽ شاهه جي لڳ ڳوٺ ڪيهر لنجواڻي، ضلعي مٽياريءَ ۾ سال 1996ع ۾ ٿيو. هن شاهه جي راڳ جي باقاعدي سکيا استاد جُڙيل فقير لنجواڻيءَ کان حاصل ڪئي ۽ سال 2012ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هن وقت درگاهه تي اڱاري جي ڏينهن پوئين پهر ۾ ٿيندڙ راڳ ۾ شامل ٿيندو آهي.
فـقيـر فـراز علي ملوکاڻـي: شاهه جي راڳ سان وابسته هن نوجوان راڳيءَ جو جنم لکاڏني ملوکاڻيءَ جي گھر سال 1992ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ٿيو. شاهه جي راڳ جي باقائدي سکيا فقير صوف خاصخيليءَ کان حاصل ڪرڻ بعد درگاهه تي سال 2008ع کان راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير عنايت علي: هي فقير، شاهه جي نالي واري راڳي فقير منٺار جوڻيجي جو فرزند آهي، جنهن جو جنم سال 1999ع ۾ ڳوٺ وسي مراد شاهه، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. راڳ جي تربيت پنهنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد 11 سالن جي عمر يعني سن 2010ع کان شاهه لطيف جي درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير گلشير لنجواڻي: هن فقير جو تعلق پڻ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (ضلعي مٽياريءَ) سان آهي. سندس ولادت نهال فقير لنجواڻيءَ جي گهر سن 1974ع ۾ ٿي. راڳ جي باقاعدي تربيت استاد قربان آزاد لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1996ع کان شاهه جو راڳ ڳائي رهيو آهي.
انور علي لنجواڻي: ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ سان تعلق رکندڙ هن نوجوان راڳي جو اصل نالو مختيار علي ولد خان محمد فقير لنجواڻي آهي. سندس پئدائش سال 1988ع ۾ ٿي راڳ جي تربيت فقير محمد جمن لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 2000ع کان راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير رسول بخش تمراڻي: شاهه جي هن راڳي فقير احمد تمراڻيءَ جي گهر سال 1958ع ۾ ڳوٺ ميهار فقير، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. راڳ جي تربيت پنهنجي والد کان وٺڻ بعد سال 1974ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير سائين بخش نظاماڻي: شاهه سائين جي هن راڳي محمد صديق نظاماڻيءَ جي گهر سال 1956ع ۾ ڳوٺ علي محمد نظاماڻيءَ، تعلقي هالا ۾ جنم ورتو. شاهه جي راڳ جي سکيا فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان حاصل ڪيائين. سال 1986ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آه
سوڀو فقير خاصخيلي: شاهه جي هن راڳيءَ جو تعلق رُڪن ٻرڙا، ضلعي سانگهڙ سان آهي، جتي سندس پيدائش خليفي جان محمد خاصخيليءَ جي گهر ۾، سال 1966ع ۾ ٿي. راڳ جي باقاعدي سکيا الهڏني فقير نظاماڻيءَ کان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سال 1990ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير غلام قادر نظاماڻي: شاهه جو هي راڳي فقير خدا بخش نظاماڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش سال 1969ع ۾ ڳوٺ غلام محمد نظاماڻيءَ، تعلقي هالا ۾ ٿي. هن شاهه جي راڳ جي سکيا فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان ورتي. هي سال 2000ع کان درگاهه شاهه لطيف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير شاهنواز نظاماڻي: شاهه جو هي راڳي ڳوٺ علي محمد نظاماڻي، تعلقي هالا ۾ فقير محمد ابراهيم نظاماڻيءَ جي گهر 1967ع ۾ پيدا ٿيو. راڳ جي تربيت فقير الله ڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1987ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. کيس شاهه جي راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ آهي.
فقير هوت خاصخيلي: ڀٽ شاهه سان ئي تعلق رکندڙ شاهه جي هن راڳي، فقير محمد علي خاصخيليءَ جي گهر سال 1986ع ۾ جنم ورتو. شاهه جي راڳ جي باقاعدي تربيت فقير گل محمد خاصخيليءَ کان وٺڻ بعد سال 1987ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير ذوالفقار لنجواڻي: شاهه جو هي نوجوان راڳي فقير قمبر لنجواڻيءَ جو فرزند آهي. جنهن جي پيدائش، 5 جولاءِ 1975ع تي ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ ٿي. راڳ جي تربيت پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪرڻ بعد سال 2005ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
خالق ڏنو لنجواڻي: شاهه جو هي نوجوان راڳي جڙيل فقير لنجواڻيءَ جو فرزند آهي. جنهن جي پيدائش سال 1998ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي (تعلقي هالا) ۾ ٿي. شاهه جي راڳ جي سکيا پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪرڻ بعد سال 2011ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير آڳو پهوڙ: شاهه جي هن راڳي حاجي قادر بخش پهوڙ جي گهر سال 1966ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ جنم ورتو. راڳ جي باقاعدي سکيا فقير گل محمد پهوڙ کان حاصل ڪرڻ بعد سال 1994ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير قائم علي لنجواڻي: ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (ضلعي مٽياريءَ) سان واسطو رکندڙ شاهه جي هن راڳي قلندر بخش لنجواڻي جي گهر سال 1989ع ۾ جنم ورتو. راڳ جي باقائدي سکيا فقير لياقت علي لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 2009ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
مختيار فقير سنديلو: شاهه جو هي راڳي فقير رحمت علي سنديلي جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش، پهرين جنوري 1976ع تي ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ ٿي. شاهه جي راڳ جي باقاعدي سکيا جواڻ فقير ڇڄڙي کان وٺڻ بعد سال 1988ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير مهدي حسن: شاهه جو هي نوجوان راڳي نادر فقير لنجواڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن سال 1983ع ۾ ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻيءَ (تعلقي هالا) ۾ جنم ورتو. راڳ جي تربيت استاد جڙيل فقير کان وٺڻ بعد سال 2008ع کان ڳائي رهيو آهي.
فقير رمز علي خاصخيلي: شاهه جو هي نوجوان راڳي، کٻڙ فقير خاصخيليءَ جو شاگرد آهي، جنهن جي پيدائش 31 ڊسمبر 1983ع تي ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ امام بخش خاصخيليءَ جي گهر ۾ ٿي. سال 2000ع کان شاهه جو راڳ ڳائيندو ٿو اچي.
فقير وريام خاصخيلي: شاهه جو هي نوجوان راڳي سيد جمن شاهه جو شاگرد آهي. سندس جنم 10 آگسٽ 1976ع تي ڇُٽي خاصخيليءَ جي گهر ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ ٿيو. سال 1999ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هي راڳي پاڪستان ٽيليوزن ڪراچيءَ تان پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
لال محمد فقير: شاهه جي هن نوجوان راڳيءَ جو اصل نالو صوف فقير ولد محرم فقير خاصخيلي آهي. سندس پيدائش پهرين مئي 1972ع تي ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾ ٿي. راڳيءَ جي سکيا سيد جمن شاهه کان وٺڻ بعد سال 1998ع کان شاهه جو راڳ ڳائي رهيو آهي. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ لاهور سينٽر تان پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
فقير مدد علي مير جت: شاهه جو هي نوجوان راڳي، مير محمد ميرجت جو پُٽ آهي، جنهن جي پيدائش سال 1995ع ۾ ڀٽ شاهه، تعلقي هالا ۾ ٿي. راڳ جي سکيا فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان ورتائين ۽ ڏهن سالن جي عمر يعني 2005ع کان درگاهه شاهه لطيف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير ڍول نظاماڻي: هي نوجوان شاهه جي راڳي سائين بخش نظاماڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش ڳوٺ حيات نظاماڻي (ضلعي مٽياريءَ) ۾، سال 1971ع ۾ ٿي. شاهه جي راڳ جي سکيا پنهنجي والد جي استاد فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد 1993ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير سائين بخش نظاماڻي: شاهه جي راڳي الله ڏني فقير نظاماڻيءَ جو هي شاگرد، ان فقير نظاماڻيءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش سال 1961ع ڳوٺ علي محمد نظاماڻي (تعلقي هالا) ۾ ٿي. هي فقير سال 1984ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
فقير قمبر جلالاڻي: ڳوٺ نظر جلالاڻي (تعلقي هالا) سان تعلق رکندڙ شاهه جي هن راڳي ربڏني فقير جلالاڻيءَ جي گهر سال 1963ع ۾ جنم ورتو. شاهه جي راڳ جي سکيا استاد الهڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1985ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. کيس راڳ جي چڱي خاصي ڄاڻ آهي.
بشارت علي: شاهه جو هي نوجوان راڳي واحد بخش لنجواڻيءَ جي گهر ۾، ڀٽ شاهه (تعلقي هالا) ۾، 1978ع ۾ پيدا ٿيو. شاهه جي راڳ جي سکيا فقير خان محمد لنجواڻيءَ کان وٺڻ بعد سال 1997ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. بشارت علي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ملڪ کان ٻاهر برازيل ۾ پڻ شاهه جو راڳ پيش ڪري چڪو آهي. هن وقت شاهه جو هي راڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ذميوار استاد جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيو آهي.
فقير حاجن نظاماڻي: شاهه جو هي نوجوان راڳي فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جو فرزند آهي. جنهن جي پيدائش 15 فيبروري سال 1979ع ۾ ڳوٺ غلام حيدر نظاماڻي (تعلقي هالا) ۾ ٿي. راڳ جي سکيا فقير الهڏني نظاماڻيءَ کان وٺڻ بعد 10 سالن جي عمر يعني سال 1989ع کان درگاهه تي راڳ ڳائي رهيو آهي. هي نوجوان شاهه لطيف جي راڳ ۽ تصوف ۾ گهڻي دلچسپي رکي ٿو.
انتظار حسين: شاهه جو هي نوجوان راڳي فقير گل محمد خاصخيليءَ جو فرزند آهي، جنهن جي پيدائش 25 جولاءِ 1989 تي ڀٽ شاهه ۾ ٿي. راڳ جي باقاعدي سکيا پنهنجي والد کان حاصل ڪرڻ بعد سال 20013ع کان درگاهه شاهه لطيف تي راڳ ڳائي رهيو آهي.
شاهه سائينءَ جي درگاهه تي سوين سالن کان شاهه جو راڳ هلي رهيو آهي. هن وقت تائين لاتعداد راڳي پنهنجي حاضري ڀريندا رهيا آهن. هيٺ وفات ڪري ويل شاهه جي راڳين جي هڪ مختصر فهرست شامل ڪجي ٿي:
 مراد فقير ٻگهيو
 ڪيهر فقير لنجواڻي
 الله بچايو فقير لنجواڻي
 مير محمد فقير لنجواڻي
 غلام محمد فقير لنجواڻي
 سکيو فقير لنجواڻي
 فقير غلام رسول لنجواڻي
 دلاور عرف دلو فقير لنجواڻي
 تاجو فقير لنجواڻي
 نادر فقير لنجواڻي
 عزت عرف پوڙهو فقير لنجواڻي
 فقير خان محمد لنجواڻي
 فقير فضل لنجواڻي
 جلال فقير لنجواڻي
 محبت فقير لنجواڻي
 نهال فقير لنجواڻي
 ڪرم فقير لنجواڻي
 فضل فقير ڇڄڙو
 جمال فقير ملاح
 محمد فقير خاصخيلي
 فقير علي بخش مگسي
 فقير مولا بخش خاصخيلي
 ابراهيم فقير خاصخيلي
 ابراهيم عرف ڏاڏل فقير خاصخيلي
 سيد بچل شاهه
 سيد غلام شاهه
 سيد نور محمد شاهه
 سيد مير محمد شاهه
 سيد غلام حيدر شاهه
 سيد حسين شاهه
 برڪت فقير خاصخيلي
 محرم فقير خاصخيلي
 الله ڏنو فقير خاصخيلي
 قاسم فقير خاصخيلي
 فقير عبدالڪريم ابڙو
 فقير درکُ ميرجت
 الياس فقير پنهور
 صالح فقير ماڇي
 فقير غلام حيدر نظاماڻي
 فقير الله ڏنو نظاماڻي
 فقير شير لاکو
 فقير عرس ساند
 فقير قادر بخش سهتو
 پِنيل فقير خاصخيلي
 ميهار فقير تمراڻي
 فقير لائق ڏنو تمراڻي
 فقير الله بچايو تمراڻي
 فقير محمد تمراڻي
 فقير علي بخش تمراڻي
 فقير حسين بخش تمراڻي
 فقير جان محمد تمراڻي
 فقير احمد تمراڻي
 فقير عبدالحسين تمراڻي
 فقير حاجي سانوڻ جلالاڻي
 فقير جان محمد نظاماڻي
 فقير مصري رند
 فقير مصري جلالاڻي
 يوسف فقير ٻگهيو
 عيسو فقير ٻگهيو
 تاجو فقير ٻگهيو
 فقير الله بچايو سهتو
 محمد فقير ڀٽي
 دودو فقير ڀٽي
 جيوڻ فقير خاصخيلي
 حاجي مجيد فقير ميربحر
 فقير چڀڙ ميربحر
 جمعو فقير ميربحر
 عبدالله فقير راهو
 پنهل فقير ڀٽي


هن صفحي کي شيئر ڪريو